سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن جو ريگيولر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن جو ريگيولر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نئون ڪوٽ (پيارعلي نهڙيو) سنڌ يونيورسٽي جي 2010 ۾ ٽيسٽ پاس ڪري  مقرر ٿيل جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استادن پاران ريگيولر نه ڪرڻ خلاف استادن محمد عيسيٰ نهڙي، مصطفي خاصخيلي، احسان الله نهڙي، لياقت اوٺو، طوطوميگهواڙ، محب الله نهڙي، ربنواز نهڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گل موري کان 3 ڪلوميٽر پيدل پنڌ ڪري پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي استادن چيو ته اسان 2010 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪري استاد مقرر ٿياسون اسان ريگيولر ٿيڻ لا مسلسل احتجاج ڪيا سنڌ حڪومت اسان سان ريگيولر ڪرڻ جا واعدا به ڪيا پر ڏهه سال گذري وڃڻ باوجود اسان کي اڃا تائين پڪو نه ڪيو ويو آهي تعليم جي وزير کان وٺي تعليم جي بالا آفيسرن اسان کي پڪو ڪرڻ جا رڳو دلاسا ڏنا پر پڪو نه ڪيو ويو آهي. 2018 ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌ يونيورسٽي پاس استادن کي پڪو ڪرڻ جو بل به پاس ڪيو ويو آهي پر ان باوجود ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي استادن کي ريگيولر ڪيو ويو آهي اسان ٿرپارڪر ضلعي جي استادن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. استادن وزير اعليٰ سنڌ، سيڪريٽري تعليم کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته استادن کي ريگيولر ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو