اين اي 249 ڪراچي جي ننڍي چونڊ ۾ پي پي ميدان ماري ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي اسمبلي جي تڪ 249 تي پاڪستان پيپلز پارٽي ميدان ماري ورتو آهي، مسلم ليگ (ن)، ايم ڪيو ايم پاڪستان، پي ايس پي ۽ تحريڪ انصاف ڌانڌلي جو الزام هنيو آهي. اليڪشن ڪميشن غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجو پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيو آهي. سڀني پارٽين اليڪشن ڪميشن کان نتيجو روڪڻ جو مطالبو ڪيو هو. نتيجن ۾ دير تي چيف اليڪشن ڪمشنر صوبائي اليڪشن ڪميشن تي ناراضگي جو اظاهر ڪيو آهي. نتيجن موجب اين اي 249 تي ڪل 276 پولنگ اسٽشنز قائم ڪيون ويون. ٽوٽل ووٽر جو تعداد 3 لک 39 هزار 591 آهي، جڏهن ته ڪاسٽ ٿيل ووٽن جو تعداد 73 هزار 471 آهي جيڪو 21.61 سيڪڙو ٿئي ٿو. هن حلقي ۾ ڪل 30 اميدوار مقابلي ۾ هئا ۽ 6 وڏين پارٽين ۾ مقابلو هو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي فيصل واوڊا جي استعيفيٰ سبب هي سيٽ خالي ٿي هئي. پيپلز پارٽي جي اميدوار قادر خان مندوخيل 16 هزار 156 ووٽ کني ڪامياب ٿيو، مسلم ليگ (ن) جي مفتاح اسماعيل 15 هزار 473 ووٽ کنيا، ٽئين نمبر تي پابندي مڙهيل جماعت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي نذير احمد 11 هزار 125 ووٽ کنيا. پي ايس پي جي مصطفيٰ ڪمال 9 هزار 227 ووٽ حاصل ڪيا، پي ٽي آءِ جي امجد اقبال آفريدي 8 هزار 922 ووٽ کنيا ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان حافظ محمد مرسلين 7 هزار 511 ووٽ کنيا. ڳڻڦ ۾ 731 ووٽ رد ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو