گهوٽڪي اين اي 205 تي پولنگ ختم، دروازا بند، ڳڻپ شروع

گهوٽڪي اين اي 205 تي پولنگ ختم، دروازا بند، ڳڻپ شروع

ڪراچي( نمائندن وٽان)  گهوٽڪي جي قومي اسمبلي جي تڪ 205 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ شروع ٿي جيڪا 5 وڳي وقت ختم ٿيڻ تي بند ڪئي وئي. ڪجهه پولنگ اسٽيشنز جي حد ۾ بيٺل ماڻهن کان ووٽ وٺڻ جو فيصلو، دروازا بند ڪرايا ويا، ڳڻپ جاري آهي. انتهائي سخت سيڪورٽي انتظامن ۾ ووٽنگ جاري آهي. خانڳڙهه جي پولنگ تي مامون ڀاڻيجا ووٽ ڏيڻ آيا ته ڀاڪرين پئجي ويا، احمد علي خان ۽ حاجي خان ٻئي محمد بّش خان جا ڀاڻيجا آهن. اليڪشن مهم دوران هڪٻئي جي ڀرپور مخالفت ڪندڙن کي ڀاڪرپائيندو ڏسي ووٽر اچرج ۾ اچي ويا. اڪثر پولنگ اسٽيشنز تي فوج، رينجرز ۽ پوليس موجود آهي. 290 پولنگ اسٽيشنز جي سنڀار لاءِ غوث بخش خان مهر شڪارپور ۽ جيڪب آباد مان سوين مهر وٺي آيو آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي پڻ ڀرپاسي جي ضلعن مان پنهنجا حامي گهرايا آهن. اڪثر پولنگ اسٽيشنز تي ڇڪتاڻ وارو ماحول آهي ۽ جهيڙي جو امڪان پڻ موجود آهي. پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي سردار محمد بخش خان مهر ۽ آزاد اميدوار طور سندس ڀاڻج احمد علي خان ۾ مقابلو آهي. جنهن کي سردار علي گوهر خان، حڪمران پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي حمايت حاصل آهي. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين حاجي خان مهر ۽ گهوٽڪي شهر واري صوبائي تڪ تان چونڊيل ايم پي اي علينوزا عرف راجا مهر خلاف اليڪشن ڪميشن کي خط لڇيو آهي ته هو پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊ جڻ باوجود پارٽي جي مخالفت ڪر رهيا آهن. هنن کي هٽايو وڃي. تاج حيدر جي صحيح سان ڪميشن کي خط لکيو ويو آهي. ذريعن جو ڇوڻ آهي ته گهوٽڪي واري صوبائي تڪ تي به جلد ننڍي چونڊ ممڪن آهي. گهوٽڪي ضلع ۾ اڄ عام موڪل آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو