ڏهرڪي (ن سنڌيار)اينگرو ڪمپني جي سالياني شڊائون ۾ ڌارين جي ڀرتي خلاف جسقم جي سڏ تي ريلي ۽ ڌرڻو ڪارڪنن عوامي هوٽل 2 کان ريلي ڪڍي شهر جي مختلف رستن تان گشت ڪري اينگرو ڪمپني جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو ڪارڪنن اينگرو انتظاميه خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ مير حسن لاشاري وحيد سنڌي نظير احمد شيخ اصغر شيخ حيدر خان شر حنيف سومرو ثناء الله سنڌي ۽ ٻين چيو ته ضلع گهوٽڪي صنعتي زون هئڻ باوجود لوڪل ماڻهن کي نظرانداز ڪري ڌارين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته صنعتي ادارن ۾ ايم ڊي کان وٺي پيش امام ۽ پٽيوالو به ڌاريا رکيا ويا آهن جيڪا لوڪل ماڻهن سان وڏي ناانصافي آهي تازو اينگرو ڪمپني جي سالياني شڊائون ۾ ڪم ڪندڙ تعصب پرست ڪمپنين پاڪ عرب ڪمپني ڪيموڪون ڪمپني ال آزان ڪمپني. مهراڻ اليڪٽرانڪ ڪمپني سنڌ دشمني ۽ تعصب پرستي ڪندي اينگرو ڪمپني جي سالياني شڊائون ۾ ڌارين صوبن جا ڪٽڪ آڻي ڀرتي ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته جنهن اداري ۾ سنڌين جا در بند هوندا اها ڪمپني هلڻ ڪون ڏينداسين هنن انتظاميه کي چتاء ڏنو ته جيڪڏهن سنڌي ماڻهن کي روزگار نه ڏنو ويو ته هڪ دفعو ٻيهر اينگرو ڪمپني جي گيٽ آڏو هزارين ماڻهن جو ڌرڻو هنيو ويندو










