اينٿوني بلنڪن جو بلاول ڀٽو کي فون

اينٿوني بلنڪن جو بلاول ڀٽو کي فون

اسلام آباد(بيورو)آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪن پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ٽيليفون ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آمريڪي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو