اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ انتقام واضع ٿي ويو: مزاري

اينٽي ڪرپشن ڪيس ۾ انتقام واضع ٿي ويو: مزاري

اسلام آباد (بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن ڪيس جي اڄ تائين خبر نه پئي، واضح ٿي ويو ته انتقام ورتو پيو وڃي.وڪيل فيصل چوڌري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته اينٽي ڪرپشن ڪڏهن به رابطو ناهي ڪيو، سياسي مخالف هجڻ سبب ائين ڪيو پيو وڃي.مزاري چيو ته حڪومت جو ايجنڊا پي ٽي آءِ قيادت کي خوفزده ڪرڻ آهي، اسان آمريڪي غلامي نٿا چاهيون، هي حڪومت آمريڪي دٻاءُ هيٺ آهي.هن چيو ته سندن ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ آيا هئا پر آءِ ايم ايف کان اڃا تائين ڪجهه ناهي مليو.ان موقعي تي فيصل چوڌري چيو ته ڪميشن ميڊيا کي اجلاس ۾ ويهڻ ۽ ڏيکارڻ جي اجازت ڏئي، قومي سلامتي جو ڪو به معاملو بند ڪمري ۾ نه هئڻ گهرجي.فيصل چوڌري چيو ته اڄ اسلام آباد پوليس پاران رڪارڊ پيش ڪيو ويو، جڏهن شيرين مزاري کي اغوا ڪيو ويو ته سموري ميڊيا ڪوهسار پوليس اسٽيشن پهچي وئي.وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پوليس رڪارڊ سان ٽڪراءُ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪميشن ايندڙ اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي طلب ڪري ورتو آهي.هن چيو ته جڏهن کان حڪومت آئي آهي عوام تي بيدرديءَ سان ڪاروائي ڪري رهي آهي، عوام کي خوفزده ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جن کي جيلن ۾ وڃڻ گهرجي اهي پوليس ۽ انتظاميه کي استعمال ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو