اينٽي ڪرپشن عملي کي مفت دوا نه ملڻ تي منهن ماري

اينٽي ڪرپشن عملي کي مفت دوا نه ملڻ تي منهن ماري

نوشھرو فيروز (اسد علي عمراڻي )اينٽي ڪرپشن جي اھلڪارن تسليم جروار ۽  مختيار علي لاشاري  جي موٽر سائيڪل جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو,  ھاسپيٽل ۾ مريضن کي ڪابه طبي امداد نه ڏني وئي, دوائن جي اڻھوند ۽ زخمين جو ترت علاج نه ٿيڻ سبب  اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر قاضي شرف الدين اسپتال پھچي زخمي ٿيل اھلڪارن جي پڇا ڪئي, اھلڪارن سرڪل آفيسر اڳيان اسپتال عملي جي شڪايت ڪئي ته ڪلاڪ گذرڻ باوجود اسان جي ڪابه سار نه لڌي وئي ۽ دوائن جي پرچي اسان کي ھٿ ۾ ڏني وئي ته اھي دوائون ٻاھران وٺي اچو اسان وٽ اھي دوائون ناھن جنھن تي ڊاڪٽر قمرالحسن سانگي ۽ اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر وچ ۾ منھن ماري پڻ ٿي، ڊاڪٽر قمرالحسن سانگي پاران دوائون موجود نه ھجڻ جو عذر ڄاڻايو ويو, پر ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب اسپتال ۾ ھر قسم جي ميڊيسن موجود آھي جيڪا صرف سفارشي ماڻھن کي ملي ٿي. ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن جي سرڪل آفيسر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسٽاف جي جوانن کي ميڊيسن نه ڏني وئي ۽ ھاسپيٽل جي اسٽاف پاران انھن سان بدسلوڪي ڪئي وئي, جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو