اينٽي ڪرپشن جو ميرپور اسپتال تي ڇاپو، رڪارڊ سيل

اينٽي ڪرپشن جو ميرپور اسپتال تي ڇاپو، رڪارڊ سيل

ميرپورماٿيلو (ظهير وسير) ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪواٽر اسپتال تي اينٽي ڪرپشن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالقادر دراني جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هنيو ويو. اينٽي ڪرپشن جي  ٽيم ڊي ايڇ ڪيو اسپتال  ميرپورماٿيلو  ۾  نانگ جي ڪکڻ ۽ ڇتي ڪتي واري ويڪسين جي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سمورو رڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ ورتو. سرڪل آفيسر عبدالقادر دراني ٻڌايو ته اسپتال ۾ ويڪسين نه ملڻ واري شڪايت تي اعلي اختيارين جي حڪم تي ڇاپو هنيو آهي ۽ رڪار ڊ تحويل ۾ ورتو آھي هن چيو ته اسپتال ۾ مريضن لاء آيل کاڌ خوراڪ جي فنڊن جي پڻ  ڇنڊ ڇاڻ ڪري رڪارڊ تحويل ۾ ورتو آھي. اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته رڪارڊ ڪليئر آهي ٻه ڏينهن اڳ ڊي سي به چڪاس ڪئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو