اينٽي ايس پاس 2013 جي  استاد ن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

اينٽي ايس پاس 2013 جي استاد ن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نوشھرو فيروز(ن س)اينٽي ايس پاس 2013 جي استاد ن جو مطالبن جي مڃتا لاء نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجي مظاھرو حڪومت خلاف سخت نعريبازي ميڊيا سان ڳالھائيندي ضلعي اڳواڻ عبدالله سھتو ۔ذوالفقار راڄپر وڪيل چانڊيو منور ڪونڌر ۔عمران قريشي فھد ميمڻ چيو ته اسان 2013 ۾ ٽيسٽ پاس اميدوارن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي اسان 9 سالن کان احتجاج ڪندا پيا اچون پر اسان جي سنڌ حڪومت ڪا به ڳالھ نه ٿي مڃي اسان سنڌ جي وزير اعلي ۽ چيف جسٽس آف سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته خدا را خدا جي واسطي اسان جو جائز مطالبو مڃي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙن کي آفر آرڊر ڏئي اسا دن مان بي چيني دور ڪئي وڃي اسن جا ٻچا ھن مھانگائي جي دور ۾ فاڪا ڪشيء جي زندگي گذاري رھيا آھن فور اسان کي آرڊرنه ڏنا ته اسان بيزا ٿي ڪو سخت قدم کڻندسين ڪجھ به ٿيوته ان جا ذميوار سنڌ حڪوت ۽ ٻيا ادارا ھوندا ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو