ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سائيٽ سپر هاءِ وي تي پوليس جون ڪارروايون، سبزي منڊي ويجهو اينٽي انڪروچمينٽ جي ٽيم تي فائرنگ جي واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن سميت 6 ڏوهاري گرفتار، پوليس جو چوڻ آهي ته عاقب شاهه ۽ فيضان شاهه نالي لينڊ گريبرز اينٽي انڪروچمينٽ پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي، جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو، ساڳئي علائقي ۾ مختلف ڪاررواين دوران ڦرلٽ جي واقعن ۾ ملوث وڌيڪ چئن جوابدارن کي به گرفتار ڪري هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.










