اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد لانگ مارچ ۾ شرڪت کان اڳ وڊيو پيغام ۾ اڄوڪي ڏينهن کي اهم قرار ڏنو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته قوم عمران خان جي قيادت ۾ متحد ٿي ٻاهر نڪري آئي آهي، اڄ پاڪستاني سياست جو اهم ڏينهن آهي، ايندڙ 3 کان 5 ڏينهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا. حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته: جيڪي فراري ڪڏهن سعودي عرب ۾ پناهه وٺن ٿا، ڪڏهن بيماريءَ جي آڙ ۾ لنڊن ڀڄي وڃن ٿا،هي ڪڏهن اداران لاءِ گندي ٻولي استعمال ڪندا آهن، اهي پنهنجي اقتدار لاءِ جوتا چٽيندا آهن، مطلب ته اهي پنهنجا پير پڪڙيندا آهن، هي پاڪستان جي عظيم فوج لاءِ نازيبا ٻولي استعمال ڪندا آهن. شيخ رشيد چيو ته هاڻي پاڪستان هڪ قوم ٿيڻ وڃي رهيو آهي، اسان کي امن جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو ۽ اهڙي دنيا ۾ پاڪستان جي عظيم فوج ۽ عظيم عدليه تي وڏي ذميواري عائد ٿئي ٿي ڇو ته هي هڪ ائٽمي ملڪ آهي، جنهن جو. نااهل ماڻهن کي سازش تحت تباهه ڪيو پيو وڃي.










