ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌجو امڪان

ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌجو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ملڪ جي اڪثر ميداني علائقن ۾ ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن دوران گرمي پد معمول کان 2 کان 4 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 37، اسلام آباد ۾ 36، مظفرآباد ۾ 35، ڪوئيٽا ۾ 33 ۽ گلگت ۾ 31 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.موهن جي دڙي ۾ گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.مٽياري ضلعي ۾ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو، جنهن سبب گرمي جي شدت ۾ واڌ جاري آهي.شهري گرمي کان بچڻ لاءِ ٿڌي مٺي مشروبات جو استعمال ڪري رهيا آهن.دادو، جيڪب آباد، سکر، روهڙي ۽ سکر ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ، نوابشاهه، سبي 43 ڊگري سينٽي گريڊ، بهاولپور، ڊيرا اسماعيل خان 40 ڊگري سينٽي گريڊ، لاهور، پشاور، سرگوڌا، اٽڪ ۽ ساهيوال ۾ 38 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو