ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ عوام کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آھي تھ ايندڙ ٽھ ماھي ۾ 4400 نون استادن جي ڀرتي، چار نوان آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليجز جو قيام، 34 ھزار اسڪولن جي مالي خودمختياري جي فراھمي جو عمل شروع ڪيو ويندو، سنڌ ايجوڪيشن انڊوومينٽ فنڊ ذريعي ھزارين حقدار شاگردن کي وظيفا بھ ڏنا ويندا. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ صحت جي شعبي ۾ 326.5 ارب رُپين جي جوڳي رقم خرچ ڪرڻ جي لاءِ اوليتي بنيادن تي فنڊز جاري ڪيا پيا وڃن، ايس آءِ يو ٽي، پي پي ايڇ آءِ، اين آءِ س يوي ڊي ۽ چائلڊ ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي توسيع ۽ ايمبولنس سروسز کي اپگريڊ ڪرڻ حڪومت جي پھرين اوليت آھي. ھن چيو تھ ڪراچي جي لاءِ رکيل خصوصي ترقياتي پيڪج تحت روڊن، پاڻي، سيوريج ۽ ماس ٽرازنٽ جون رٿائون جلد شروع ڪيون وينديون، جڏھن تھ 50 اليڪٽرڪ بسن کانپوءِ وڌيڪ 100 اي وي بسون آگسٽ تائين روڊن تي آنديون وينديون. بينظير ھاري ڪارڊ تحت 2 لک ھارين کي سبسڊي جي فراھمي جو عمل بھ مرحليوار شروع ڪيو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد سنڌ سرڪار جي اولين ترجيح آھي ۽ ھي سمورا قدم معيشت کي سھارو ڏيڻ ۽ عوام کي فوري رليف فراھم ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا وڃن، سنڌ سرڪار عوام سان ڪيل سمورا واعدا ھر صورت پوري ڪندي.










