ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 9 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان

ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 9 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 9 جون تي پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت موجب مالي سال 23-2024 جي بجيٽ جي حوالي سان سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس 2 جون تي طلب ڪيو ويو آهي ۽ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس 3 جون تي ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ جي هدفن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، ٻنهي اجلاسن ۾ صوبائي اختياريون به شرڪت ڪندا، جنهن دوران نئين بجيٽ بابت قومي ترقياتي پروگرام جو جائزو ورتو ويندو.ناڻي واري وزارت موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 700 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي پر وزيراعظم وفاقي ترقياتي پروگرام کي 1000 ارب رپين تائين وڌائي سگهي ٿو.ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو ڪل حجم 14 هزار 600 ارب کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز آهي، بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪميٽيون پڻ قائم ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه ايندڙ سال معاشي ترقي جو هدف 3 سيڪڙو کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي ڊي پي جي واڌ جو اندازو 0.29 سيڪڙو رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو