نئين سال جي بجيٽ ۾ نان فائلرز تي ٽيڪس وڌائڻ جو فيصلو

نئين سال جي بجيٽ ۾ نان فائلرز تي ٽيڪس وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ نان فائلرز لاءِ ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن موجب پاڪستان بزنس ڪائونسل آٽو سيڪٽر لاءِ تجويزون ڏنيون آهن ته بجيٽ ۾ نان فائلرز لاءِ گاڏين جي رجسٽريشن ٽيڪس ۾ واڌ ۽ نان فائلرز لاءِ گاڏين تي ايڊوانس انڪم ٽيڪس ٻيڻو ڪيو وڃي، جڏهن ته انجڻ جي گنجائش بدران خريداري جون رسيدون لڳايون وڃن. ود هولڊنگ ٽيڪس تجويز ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ بئنڪن مان نڪرندڙ رقم تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، نان فائلرز تي 1000 رپين جي نقد رقم ڪڍڻ تي ٽيڪس ٻيهر لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ايف بي آر ذريعن موجب بجيٽ ۾ ملڪي برآمدات جو هدف 30 ارب 70 ڪروڙ ڊالر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ درآمدات جو اندازو 58 ارب 70 ڪروڙ ڊالر رکيو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ واپار جو خسارو 28 ارب 70 ڪروڙ ڊالر هوندو.ان کان علاوه بجيٽ ۾ انڪم ٽيڪس ايڪٽ جي سيڪشن 231، 231 اي ۽ 236 پي کي بحال ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن ته حڪومت نان ٽيڪس روينيو کي 2.9 ٽريلين رپين تائين آڻڻ چاهي ٿي.ذريعن موجب پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي 50 رپيا 60 رپيا في ليٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ليوي 10 رپيا في ليٽر وڌائڻ سان حڪومت کي 870 ارب رپيا ملندا، حڪومت پينشن ۾ 30 رپيا واڌ ڪرڻ چاهي ٿي. هن حاصل ڪيل رقم مان 780 ارب رپيا ايندڙ مالي سال ۾ پينشن وڌائڻ جي ضرورت پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو