ايم ڪيو ايم ۽ پي پي ۾ معاهدي کي قانوني شڪل ڏيو

ايم ڪيو ايم ۽ پي پي ۾ معاهدي کي قانوني شڪل ڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) ۽ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي وسيع تر مفادن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ٻنهي ڌرين ۾ اتفاق بعد خالد مقبول مطالبو ڪيو آهي ته ڪجهه شقن کي قانونسازي ذريعي تحفظ ڏنو وڃي. پ پ ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو آهي ۽ ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ايم ڪيو ايم جي وفد جي وفد زرداري هائوس ۾ ملاقات دوران اهرو فيصلو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو