ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وزير اعظم شهباز شريف سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه تفصيلي ملاقات ڪئي، ايم ڪيو ايم جي وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪري گورنر سنڌ جي جلد مقرري جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪري صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ڪراچي جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف سان ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ مسلم ليگ ن جي وفد پڻ ملاقات ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي وفد جي اڳواڻي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ وفاقي وزير امين الحق، وسيم اختر ۽ ڪنور نويد جميل شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ريلوي وارو وزير خواجه سعد رفيق به موجود هو.ايم ڪيو ايم جي وفد وزيراعظم سان ملاقات ۾ گورنر سنڌ جي جلد مقرري ۽ معاهدي تي عملدرآمد تيز ڪرڻ تي زور ڏنو.










