ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان ڊاڪٽر فاروق ستار کي پارٽي ۾ واپسي جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب سينيئر سياستدان ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ رابطا تيز ٿي ويا آهن ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي اڄ فاروق ستار جي گهر پهچڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ اڄ ٿيندڙ ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي جو امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان فاروق ستار کي پارٽي ۾ واپس اچڻ ۽ پتنگ تي اين اي 245 تي ننڍي چونڊ وڙهڻ جي آڇ ڪئي آهي.ذريعن موجب ڊاڪٽر فاروق ستار آفر جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن هو پارٽي ۾ واپس آيو ته اين اي 245 جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيندو.










