ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم باني جي نفرت پکيڙيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير بابت 27 ڪيسن مان ٻن ڪيسن ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن فاروق ستار، عامر خان، خواجه اظهار الحسن، ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ۽ محمد جاويد تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي جنهن بعد عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڄاڻايل جوابدارن تي ٻه ڪيس ملير ۽ سٽي برگيڊ ٿاڻن تي داخل ٿيل آهن. چڙ ڏياريندڙ تقرير جي ٻين ڪيسن ۾ استغاثه پاران گواه انسپيڪٽر آزاد خان جو بيان قلمبند ڪيو ويو. عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير جي 27 ڪيسن جي ٻڌڻي پهرين فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڄاڻايل ڪيس ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، خواجه اظهار الحسن، ڪراچي جو ميئر وسيم اختر، رئوف صديقي، قمر منصور، ريحان هاشمي، جنيد لاکاڻي، محفوظ يار خان، امجد الله ۽ ٻيا نامزد ٿيل آهن. ڄاڻايل جوابدارن خلاف عزيز آباد، سچل، برگيڊ ۽ ٻين ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن.










