ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ ايم ڪيو ايم پاڪستان سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي اپوزيشن ليڊر آڻڻ لاءِ سرگرم ٿي چڪا آهن ۽ ان حوالي سان مشاورتي عمل جاري آهي ذريعن مطابق وفاق ۾ پي ڊي ايم حڪومتج ي اتحادي جماعت قومي موومينٽ پاڪستان سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجو اپوزيشن ليڊر آڻڻ لا3 سرگرم ٿي ويا آهن ۽ ان حوالي سان ان جو مشاورتي عمل جاري آهي. پارٽي ذريعن مطابق ايم ڪيو ايم ۾ اپوزيشن ليڊر جي حوالي سان جن نالن تي غور ڪيو پيو وڃي ان ۾ رانا انصار، علي خورشيدي، خواجه اظهارالحسن، جاويد حنيف ۽ محمد حسيم شامل آهن هڪ کان ٻه ڏينهن ۾ رابطو ڪميٽي سان مشاورت کان پوءِ اپويشن ليڊر جي نالي تي حتمي فيصلو ڪيو ويندو پي ٽي ائي جي ڪارڪنن کي منحرف ٿيڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم 21 نشستن سان گڏ سنڌ جي وڏي اپوزيشن پارٽي ٿي وئي آهي. ۽ ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جي ذريعن ٻڌايو ته هاڻي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڪثريت اسان وٽ آهي ۽ ڪوشش ڪنداسين ته پنهنجو اپوزيشن ليڊر آڻيون ذريعن مطابق ٻڌايو ويو ته اپوزيشن ليڊر تان ايم ڪيو ايم هڪ ٻن ڏينهن ۾ باضابطه طور تي درخواست سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائينداسين واضح رهي ته 9 مئي جي واقعن کان پوءِ پي ٽي آئي سان تعلق رکندڙ ڪارڪنن سنڌ اسيمبلي پارٽي سان لاتعلقي جو اظهار ڪري چڪا آهن هن ۾ عمران شاهه، سنجي گنگواني، عمر عماري، بلال غفار، رابطه اظفر، عباس جعفري، شيريارشر، سچل نند، اسلم ابڙو، ۽ ڪريم بخش گبول شامل آهن هن وقت سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزينشن ليڊر پاڪستان تحريڪ انصاف جو حليم عادل شيخ اهي حليم عادل سميت پي ٽي آئي جي متعدد ڪارڪنن 9 مئي کان پوءِ روپوش آهن.










