ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته اڳ آءِ جي سنڌ کي چيو هو، هاڻي ايم ڊي واٽر بورڊ کي چئي رهيو آهيان ته مون کي انڊر ڪيو وڃي.ڪراچي ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري طارق روڊ تي چائنيز ريسٽورنٽ ۾ سحري ڪئي ۽ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن ماڻهن اسان تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي ته اسان هڪ بدران ٻه ڀيرا سحري ڪرڻ لڳاسين.نيو ڪراچي ۾ پهرين سحري، هزارين ماڻهو هڪ ڪلاڪ کان انتظار ۾ رهيا، نيو ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو آهي.هن چيو ته مون آءِ جي کي چيو هو ته مون کي 4 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي، پنجين ڏينهن مان ذميوار هوندس.هاڻي مان چوان ٿو ته ايم ڊي واٽر بورڊ منهنجي انڊر ۾ ڏيو پاڻي جو مسئلو حل ڪندو، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ٽينڪرن لاءِ پاڻي هجي ۽ ماڻهن لاءِ نه، جڏهن ته وڏا گئس فراهم ڪندڙ چون ٿا ته گئس آهي.گورنر سنڌ چيو ته اوورسيز پاڪستاني ڀائر انتظار نه ڪن ته ڪير اقتدار ۾ ايندو، ڇا اوورسيز ملڪ کي ڊفالٽ ڏسڻ چاهين ٿا؟ اوورسيز پاڪستان کي امداد نه ڏيو، هن ملڪ ۾ پئسو لڳايو ۽ ڪاروبار ڪريو.










