ايم پي او تحت تحويل ۾ ورتل 14 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جا حڪم

ايم پي او تحت تحويل ۾ ورتل 14 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جا حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي ايم پي او جي تحت گرفتار ڪيل 14 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جي گهرو کاتي ان سلسلي ۾ 14 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جا الڳ الڳ حڪم جاري ڪيا آهن. واضع رهي ته انهن ماڻهن کي روڊ بلاڪ ڪرڻ، ڌرڻا ڏيڻ ۽ امن امان کي خراب ڪرڻ تي ايم پي او تحت ڪراچي جي مختلف ضلعن مان گرفتار ڪيو ويو هو. آزادي لاءِ گھرو کاتي جي سيڪريٽري اعجاز علي شاھ جي سربراهي ۾ قائم نظرثاني ڪميٽي کي 20 درخواستون مليون هنيون جن مان 14 ماڻهن جي رهائي جا حڪم جاري ڪيا ويا. نظرثاني ڪميٽي ۾ ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ڪراچي رينج، ايڊيشنل سيڪريٽري (جوڊيشل) سنڌ گهرو کاتي ۽ رجسٽرار ATC/ATA گهرو کاتي جا ميمبر شامل آهن. ايم پي او جي تحت گرفتار ماڻهون جن کي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا انهن ۾ سيد فرخ شاهه، سلمان محمدي، وقاص، زيد حسين، آصف ڪامران، محمد عثمان، احمد، منصف علي، عبدالباسط، کمال الدين، محمد فيصل، ايم فاروق، مونا ۽ فوزيه صديقي شامل آهن، سنڌ جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل حڪمن ۾ لاڙڪاڻي، سکر، ميرپورخاص، خيرپور ميرس، بدين، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز جي ضلعي جيل سپرنٽينڊنٽ کي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه آهن ته انهن کي آزاد ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو