ايلون مسڪ جلد ئي انساني دماغ ۾ ’چپ‘ لڳائيندو:ميڊيا رپورٽس

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ارب پتي واپاري ايلون مسڪ چيو آهي ته سندس هڪ ڪمپني ايندڙ 6 مهينن ۾ انساني دماغ ۾ هڪ چپ لڳائڻ جي قابل ٿي ويندي جنهن کانپوءِ انسان سڌو سنئون ڪمپيوٽر سان رابطو ڪري سگهندو.پرڏيهي ميڊيا موجب ايلون مسڪ جي ڪمپني نيورالنڪ جي چپ ذريعي انسان سڌو سنئون ڪمپيوٽر سان ڳالهائي سگهندا.ايلون مسڪ خود پنهنجي دماغ ۾ چپ لڳائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.ڪيليفورنيا ۾ ڪمپني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ايلون مسڪ چيو ته ان تجربي جي حوالي سان اسان سڀ کان وڌيڪ ڪاغذي ڪارروائي آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن اٿارٽي (ايف ڊي اي) کي منظوري لاءِ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.ايلون مسڪ چيو ته اميد آهي ته ايندڙ 6 مهينن ۾ پهريون ڀيرو انساني دماغ ۾ چپ لڳائڻ جي قابل ٿي وينداسين.”اسان ان تي تمام گهڻي محنت ڪري رهيا آهيون ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اها چپ انسان ۾ لڳائڻ کان اڳ صحيح طريقي سان ڪم ڪري ،“ هن چيو.

پهنجو تبصرو موڪليو