ايلون مسڪ ايپل ڪمپني جي غلط فهمي دور ڪري ڇڏي

ايلون مسڪ ايپل ڪمپني جي غلط فهمي دور ڪري ڇڏي

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئٽر جي نئين چيف ايلون مسڪ آئي فون ٺاهيندڙ ايپل ڪمپني جي چيف ٽم ڪڪ سان غلط فهمي دور ڪري ڇڏي آهي. ايلون مسڪ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ايپل ڪمپني جي هيڊ ڪوارٽر مان هڪ خوبصورت منظر جي وڊيو شيئر ڪئي آهي.هن وڊيو کي شيئر ڪندي هن لکيو ته ”ٽم ڪڪ، توهان جي مهرباني جو مون کي ايپل جي هن خوبصورت هيڊ ڪوارٽر ۾ وٺي ويو.”زبردست گفتگو، اسان ٽوئيٽر بابت غلط فهمي کي دور ڪيو ممڪن آهي ته ايپ اسٽور تان هٽايو وڃي،“ ايلون مسڪ لکيو ته هاڻي ٽم ڪڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايپل ڪڏهن به ٽوئيٽر کي ايپ اسٽور تان هٽائڻ جو نه سوچيو هو.ياد رهي ته سومر تي ايلون مسڪ ايپل انڪ تي الزام لڳايو هو ته هو ٽوئيٽر کي پنهنجي ايپ اسٽور تان بلاڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو