ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ جو اعلان

ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ جو اعلان

پيرس(ويب ڊيسڪ)فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (FATF) پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو.پيرس ۾ ايف اي ٽي ايف جو 2 ڏينهن وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍڻ واري معاملي جو جائزو ورتو ويو.پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ڪئي. اجلاس کانپوءِ ايف اي ٽي ايف پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ جو باضابطا اعلان ڪيو.ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ سان پاڪستان لاءِ پرڏيهي فنڊنگ حاصل ڪرڻ آسان ٿي ويندو.پڌرائي موجب پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي نگراني ۾ رهندو، پاڪستان کي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ قانون تي وڌيڪ عملدرآمد جي ضرورت آهي….فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ميمبرن جو انگ 37 آهي، جنهن ۾ آمريڪا، برطانيا، چين، ڀارت ۽ ترڪي سميت 25 ملڪ، گلف ڪوآپريشن ڪائونسل ۽ يورپي ڪميشن شامل آهن.تنظيم جي بنيادي ذميوارين ۾ عالمي سطح تي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد کي روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ آهن.پاڪستان جو نالو عالمي واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ سان ان کي عالمي امداد، قرضن ۽ سيڙپڪاري جي سخت نگراني ڪرڻي پوندي، جنهن سان پرڏيهي سيڙپڪاري متاثر ٿيندي ۽ ملڪي معيشت تي ناڪاري اثر پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو