ايف اي ٽي ايف جو اهم ورچوئل اجلاس اڄ کان شروع

پيرس(ويب ڊيسڪ) فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جو چئن ڏينهن وارو ورچوئل جائزه اجلاس اڄ شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ڪيو ويندو ۽ فيصلن جو اعلان 25 فيبروري تي اجلاس جي پڄاڻي تي ايف اي ٽي ايف جو صدر ڪندو. پاڪستان کي قوي اميد آهي ته هو گِري لسٽ مان نڪري ويندو پر پرڏيهي خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جون تائين گري لسٽ ۾ رهندو ڇو ته هنن 27 سفارشن مان رڳو 21 تي مڪمل عمل ڪيو آهي. غيرقانوني مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ لاءِ ٺاهيل هن اداري جي بليڪ لسٽ ۾ رڳو دنيا جا 2 ملڪ شامل آهن جن ۾ اتر ڪوريا ۽ ايران شامل آهن. ڀارت ۽ ٻين مخالف ملڪن ڪوشش ڪئي ته پاڪستان کي به بليڪ لسٽ ڪيو وڃي پر، پاڪستان جي دوست ملڪن چين، ملائيشيا ۽ ترڪي ان جي مخالفت ڪئي ۽ پاڪستان گهربل قانونسازي ڪري اعتراض به دور ڪيا هئا. ڊينئل پرل جي قاتلن کي آزاد ڪرڻ تي آمريڪا ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي، فرانس سان خاڪن واري مسئلي تي پاڪستان جا اختلاف آهن. ياد رهي ته گڏيل قومن پاران دهشتگرد قرار ڏنل گروپن جن ۾ لشڪر طيبه ۽ ان جو سربراهه حافظ سعيد به شامل آهي، انهن خلاف پابندين بابت پاڪستاني حڪومت جي اپائن تي اعتراض ٿيندو رهيو آهي ته اهي ناڪافي آهن. پاڪستان حڪومت پراميد آهي ته هو گري لسٽ مان نڪري ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو