ايف آئي اي اينٽي مني لانڊرنگ سيل جو اسد عمر کي نوٽيس

ايف آئي اي اينٽي مني لانڊرنگ سيل جو اسد عمر کي نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آئي اي اينٽي مني لانڊرنگ سيل پي ٽي آئي جي اڳواڻ اسد عمر کي نوٽيس جاري ڪندي 25 مئي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي تفصيل موجب ايف آئي اي اينٽي مني لانڊرنگ سيل اسد عمر کي نوٽِس اماڻي ڇڏيو جنهن ۾ اسد عمر کي 25 مئي تي دستاويزي ثبوتن سان پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي نوٽيس ڊپٽي ڊآئريڪٽر اينٽي مني لانڊرنگ سيل عبدالرئوف شيخ پاران اماڻيو ويو نوٽيس ۾ چيو ويو ته 15 اپريل 2013 تي اسد عمر جي گهر مان 3 ڪروڙ رپيا بئنڪ عملي وصول ڪيا بئنڪ عملي پاران رقم پي ٽي آئي جناح ايوينيو اسلام آباد برانچ ۾ ڊپازٽ ڪئي وئي نوٽيس ۾ چيوويو ته 25 مئي 2013 تي هڪ ڪروڙجي لڳ ڀڳ رقم ٻيهر کان وصول ڪئي وئي ۽ وڌيڪ رقم پي ٽي آئي اڪائونٽ ۾ بنا نالي اڪائونٽ مان ڊپازٽ ڪئي وئي ايف آئي اي ذريعن مطابق اسد عمرجي گهر مان وصول رقم لياقت حسين جي نالي سان ڊپازٽ ٿي رقم جمع ڪرڻ ۾ لياقت حسين جو سڃاڻپ ڪارڊ استعمال ڪيو ويو حقيقتن کي نظر ۾ رکندي پتو پوي ٿو تها سد عمر معاملي کان چڱي نموني واقف آهي ايف آئي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته اسد عمر 25 مئي تي ايف آئي اي جاچ ۾ شامل ٿئي۽ پاڻ سان گڏ 4 ڪروڙ رپين بابت دستاويزي ڪاغذات به کڻي اچي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو