ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي اڳوڻي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوڌو 5 آفيسرز ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، اينٽي ڪرپشن طرفان اڳوڻي ايڊيشنل ڊائريڪٽر فيض الله ڪوريجو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي، اينٽي ڪرپشن جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر طرفان ايف آءِ اي کي خط لکيو ويو آهي، آفيسر جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي جي سفارش ڪئي وئي آهي.










