لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي، آءِ ايم ايف معهادي بابت آڊيو ليڪ جي جاچ کانپوءِ اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب ايف آءِ اي شوڪت ترين جي ليڪ آڊيو تي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي جنهن کانپوءِ سندس خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي شوڪت ترين خلاف ڪارروائي ۽ سندس گرفتاري لاءِ گهرو وزارت کان اجازت گهري ورتي آهي. ايف آءِ اي موجب شوڪت ترين جي ڳالهه ٻولهه آءِ ايم ايف سان معاهدي کي نقصان پهچائڻ لاءِ هئي، شوڪت ترين قومي مفادن ۽ سيڪيورٽي کي نقصان پهچائڻ چاهي پيو.










