دبئي (ويب ڊيسڪ)ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) ايشيا ڪپ 2022 جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان ٽورنامينٽ ۾ فائنل کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٻه ميچون کيڏيون وينديون.ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران جاري ڪيل ايشيا ڪپ 2022 جي شيڊول موجب، ڪرڪيٽ جي دنيا جي ٻن وڏين حریف ٽيمن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پهرين ميچ هلندڙ مهيني 28 آگسٽ تي کيڏي ويندي.ايشا ڪپ 27 آگسٽ کان شروع ٿيندو، جڏهن ته ڪرڪيٽ مداحن جون نظرون اڳ ئي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ تي لڳل آهن.مشهور اڳوڻي ڀارتي رانديگر وسيم جعفر به ايشيا ڪپ 2022 دوران ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ ميچن تي هڪ ميم شيئر ڪيو آهي.ميم جي ڪيپشن ۾ وسيم جعفر هڪ مختصر وڊيو ذريعي ٻڌايو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٻن ميچن جي ڏينهن نشر ڪندڙن جي ڪهڙي حالت هوندي.










