ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) ايشيا ڪپ 2022 کي سريلنڪا مان منتقل ڪرڻ جو حتمي اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اعلان موجب ايشيا ڪپ هاڻي سريلنڪا بدران 27 آگسٽ کان 11 سيپٽمبر تائين گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۾ کيڏيو ويندو.اي سي سي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايشيا ڪپ جي جڳهه تبديل ڪرڻ جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ايونٽ جي ميزباني سريلنڪا ڪندو.اي سي سي جي صدر جئي شاهه موجب سريلنڪن عوام ڪرڪيٽ کي تمام گهڻو پسند ڪري ٿو، هنن ايونٽ منعقد ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.جيئي شاهه وڌيڪ چيو ته ايشيا ڪپ ورلڊ ڪپ لاءِ ايشيائي ٽيمن جي تياري لاءِ انتهائي اهم آهي. سريلنڪا ڪرڪيٽ جي صدر موجب سريلنڪا ۾ ٽيمن جي ميزباني جا خواهشمند هئاسين پر اي سي سي جي فيصلي تي قائم آهيون.










