ايشيا ڪپ، محمد وسيم ٻاهر، فاسٽ بالر امارات طلب

ايشيا ڪپ، محمد وسيم ٻاهر، فاسٽ بالر امارات طلب

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر سائيڊ اسٽرين انجري سبب ايشيا ڪپ ٽي 20 ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر جو گذريل ڏينهن دبئي ۾ پريڪٽس سيشن دوران پٺي ۾ درد محسوس ٿيڻ تي ايم آر آئي اسڪين ڪرايو ويو هو. ايم آر آئي اسڪين رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد پي سي بي جي ميڊيڪل پينل کيس وطن واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.محمد وسيم جي جاءِ تي فاسٽ بالر حسن علي کي ان جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.حسن علي پهرين دستياب اڏام تي دبئي پهچندي قومي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندو.پي سي بي موجب محمد وسيم جونيئر هاڻي پنهنجي بحالي مڪمل ڪندو. پي سي بي جو ميڊيڪل پينل هاڻي انگلينڊ خلاف هوم سيريز کان اڳ محمد وسيم جونيئر جي زخم جو جائزو وٺندو، جنهن کانپوءِ سندس ڪرڪيٽ ۾ واپسي بابت فيصلو ڪيو ويندو.ٻئي طرف فاسٽ بالر حسن علي کي دبئي ۾ قومي اسڪواڊ ۾ محمد وسيم جونيئر جي جاءِ تي شامل ڪيو ويو آهي. انهن جي اسڪواڊ ۾ شموليت ايونٽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي منظوري سان مشروط آهي. اي ٽي سي جي منظوري کانپوءِ حسن علي پهرين موجود اڏام تي دبئي روانو ٿيندو.ٽيم انتظاميا حسن علي کي محمد وسيم جونيئر جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي جنهن کي چيف سليڪٽر منظور ڪري ورتو.حسن گذريل ٽن هفتن کان نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر لاهور ۾ بالنگ ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت نيشنل ٽي 20 ۾ شرڪت لاءِ راولپنڊي ۾ آهي.واضح رهي ته ايشيا ڪپ 27 آگسٽ کان شروع ٿي رهيو آهي، پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 28 آگسٽ تي روايتي حریف ڀارت خلاف کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو