ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) ايشيا ٽي 20 ڪپ 2022 جو اجلاس ڪولمبو ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا ۽ سي اي او فيصل حسنين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڀارت جي جئي شاهه کي 2024ع تائين اي سي سي جو صدر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته قطر ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن کي به اي سي سي جي مڪمل رڪنيت ڏني وئي. اي سي سي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ايشيا ٽي 20 ڪپ 2022ع جي ميزباني سريلنڪا ڪندو، ٽورنامينٽ 27 آگسٽ کان 11 سيپٽمبر تائين سريلنڪا ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ ايشيا جون 6 ٽيمون حصو وٺنديون. ٽورنامينٽ ۾ ميزبان سريلنڪا کانسواءِ پاڪستان، ڀارت، افغانستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون حصو هونديون، جڏهن ته ٻي ايشيائي ٽيم جو فيصلو ڪواليفائرز کانپوءِ ڪيو ويندو، جيڪو 20 آگسٽ کان کيڏيو ويندو. ايشيا ڪپ هر ٻن سالن بعد منعقد ٿيڻو هو پر 2020ع ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) ڪورونا سبب ٽورنامينٽ کي ملتوي ڪري ڇڏيو هو. واضح رهي ته پاڪستان ايشيا ڪپ 2023ع جي ميزباني ڪندو.










