ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ اڍائي ارب ڊالر امداد جو اعلان

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ اڍائي ارب ڊالر امداد جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ پاڪستان کي اڍائي ارب ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.اسلام آباد ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر يونگ زي وفد سميت ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ پاڪستان ۾ بئنڪ جي مالي سهڪار سان جاري منصوبن تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان وڏن معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت معيشت کي بچائڻ ۽ ترقي لاءِ نئون رخ ڏنو آهي.ان موقعي تي ناڻي واري وزير پاڪستان کي ڏنل امداد تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو