ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان ۾ ڪيپيٽل مارڪيٽ ۽ نجي سيڙپڪاري جي واڌاري لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر قرض جاري ڪري ڇڏيا آهن. اي ڊي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب قرض ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ٽئين ڪيپيٽل مارڪيٽ ڊولپمينٽ پروگرام تحت فراهم ڪيو پيو وڃي جنهن جي2020ع ۾ منظوري ڏني وئي هئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پروگرام تحت ادارتي سيڙپڪارن جي مطالبي کي يقيني بڻايو ويندو ۽ متبادل مالياتي اوزارن جي فروغ لاءِ قدم کنيا ويندا.










