ايس ڊي ايم پاران وڻڪاري مهم جو افتتاح، 1000 چڪين جو اعلان

ايس ڊي ايم پاران وڻڪاري مهم جو افتتاح، 1000 چڪين جو اعلان

سوسائٽي(غلام رسول مھر ) ڳوٺ ڪوڙو خان لانگاه ۾ الخدام ويلفيئر ايسوسيئيشن طرفان وڻڪاري جي مهم بابت هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن جو مهمان خاص ايس ڊي ايم گهوٽڪي اعجاز احمد  هاليپوٽو  هو. هن وڻ پوکي مهم شروع ڪئي. ان موقعي تي روزاني سنڌ يارسان ڳالهائيندي هن چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي اندر ٻيا ڪيترا پروگرام ڪيا وڃن ٿا مگر وڻن پوکڻ جي شروعات  الخدام ويلفيئر ايسو سيئيشن ڪئي آهي، جيڪو بهترين عمل آهي. هن چيو ته وڻ قدرتي نعمت آهي وڻن پوکڻ سان آلودگي ختم ٿئي ٿي ۽ بيماريون به گهٽ ٿين ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته وڻ کي وڍڻ هڪ انسان جي قتل برابر آهي هتان جي عوام کي گهرجي ته وڌ ۾ وڌ وڻ پوکن. آخر ۾ ايس ڊي ايم گهوٽڪي الخدام ويلفيئر جي صدر نظير لانگاهه کي هڪ هزار وڻن جون چڪيون ڏيڻ جو اعلان ڪيو . ان موقعي تي سگا ويلفيئر ايسو سيئيشن جي اڳواڻ آغا بلاول پٺاڻ به پڻ وڻ پوکيو. استاد فتح محمد لانگاهه، استاد علي احمد، محمد يعقوب علي حسن ۽الخدام ويلفيئر ايسوسيئيشن جا اڳواڻ به موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو