ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي)ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جي سامهون سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شيخ ڀرڪيو ۾ ضلعي اڳواڻ اورنگزيب زيب شيخ مٿان ٿيل قاتلانه حملي ۾ ملوث مسعود ٿهيم ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ايس ايچ او شيخ ڀرڪيو خلاف سخت نعريبازي ڪئي. سنڌ ترقي پسند پارٽي سٽي جي صدر منور سومرو ، جمن ملاح، امتياز نوناري ، محمد علي خاصخيلي ، هاشم چوهاڻ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ٿا ڪريون ته هن واقعي جي شفاف نموني سان انڪوائري ڪرائي واقعي ۾ ملوث جوابداران تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته ڪيس جي انڪوائري آفيسر ڊي ايس پي ننڊ لال حڪمران ڌر ۽ جوابدارن سان ملي اسان جو ڪيس لئي مٽي ڪرڻ چاهي ٿو اسين کيس چتاءُ ٿا ڏيون اگر ڪيس جي شفاف جانچ نه ٿي ته اسين احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌائينداسين










