شھداد ڪوٽ(ن سنڌيار)شھداد ڪوٽ ۾ ايس يو پي ڪارڪنن جو شھر ۾ واٽر سپلا جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي شھر جي مختلف پاڙن ۾ واٽر سپلاء جي پاڻي سخت کوٽ خلاف رميز تونيو، الھداد خشڪ، آصف لاشاري، سڪندر خشڪ، سجاد کوسو، فياض ميرجت، طارق کوکر، زين سنڌي، بخت خاصخيلي، عبد سنڌي، فريد خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ انتظاميان جي نااھي سبب شھر ۾ پاڻي جي فرھمي بند آھي شھر جا واٽر سپلا جون پاڻي جو لانئيون ناڪارا آھن انجيئير پبلڪ ھليٿ غلام مصطفي ڪمبوه شھرين سان ناجزي ڪري رھيو آھي ڪروڙي رپيا جي لاڳت سان ٺھيل تلا مان به شھرين کي پاڻي ناھي ملي سگھيو ۽ تلا ۾ ھن وقت به پاڻي ناھي شھر جي سڀني پاڙن ۾ 3 مھينن کان واٽر سپلا جو پاڻي ناھي جنھن ڪري شھري واٽر سپلا جي پاڻي لا پريشان آھن ھنن چيو ته انتظاميان کي بار بار شڪايت ڪرڻ جي باوجود ڪوبه نوٽس وٺڻ لاء تيار ناھي افسوس جو شھر جا چونديل نمائينده به واٽر سپلا جي پاڻي جو نوٽس ناھي ورتو ھنن اعليٰ افيسرن کان مطالبو ڪيو ته سب انجينئر غلام مصطفي ڪمبوه ۽ پمپ اپريٽردوست محمد شيخ کي فوري طور ھٽائي واٽر سپلا ۾ ٿيل ڪرپشن جي نيب کان جاچ ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ هنن مرحلي وار احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو پڻ چتاء ڏنو.










