ايس يو پي پيادل مارچ جي قافلي جي زبردست آجيان

ايس يو پي پيادل مارچ جي قافلي جي زبردست آجيان

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سکر کان ڪراچي ڏانهن سنڌ مارچ پيادل قافلو بلڙي شاھ ڪريم جي وسندي پهچڻ تي قومپرست ، سياسي سماجي ، ادبي تنظيمن طرفان شاندار آجيان ، گلن جي ورکا ، قومي گيتن تي ڀيٽا ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سنڌ دشمن منصوبن ، ڊجيٽل آدمشماري ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ، مهانگائي ، بيروزگاري ، بدامني ، صوبائي حڪومت جي غلط پاليسين جي خلاف سکر کان ڪراچي ڏانهن نڪتل سنڌ مارچ ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو ، امير آزاد پنهور ، عيدن جاگيراڻي ، خدابخش ٿيٻو ، بابل لطيف کوسو ، حاڪم مستوئي ، ، زين ڀٽو ، زيب جتوئي ، دريا خان لغاري ، ذوهيب لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ ڏاڏا سائين ۾ رات ترسڻ کانپوءِ پيادل سفر شروع ڪندي بلڙي شاھ ڪريم روڊ کان اڳتي وڌي ڏتا واھ ، جاڙا واھ کانپوءِ بلڙي شاھ ڪريم شهر جي نگري ۾ قافلو پهچي ويو ، جتي سوين قومي ڪارڪنن ، قومپرست پارٽين ، سياسي سماجي اڳواڻن گلن جي ورکا سان شاندار آجيان ڪئي ، اجرڪن ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا ، انهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ دشمن منصوبن ، ڊجيٽل آدمشماري جي ذريعي ڌرتي واسين کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ لاءِ کين اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش سميت سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ، پ پ جي غلط پاليسين رٿابندين ، ڪرپشن ، ترقياتي ڪم مڪمل نه ڪرڻ ، مهانگائي ، بيروزگاري جي خلاف پيادل مارچ جو قافلو پنهنجي منزل تي روان دوان ٿي سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي ۾ ڀرپور پنهنجو احتجاج واري جمهوري حق استعمال ڪندو ، 19 مارچ تي سڄي سنڌ مان قافلا سنڌ مارچ ۾ شامل ٿي پنهنجي قومي وجود کي بچائڻ لاءِ ڪراچي ۾ قومي ٻڌي جو ثبوت پيش ڪندا ، هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي هاڻي سنڌ دشمن سياست سنڌ جي عوام آڏو کلي ويئي آهي ، جنهن جي ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي سنڌ جو عوام سڄي سنڌ مان نه صرف شڪست ڏيندو پر سندن سنڌ دشمن عملن کي هاڻي برداشت نه ڪندو ، بلڙي شاھ ڪريم ۾ رات ترسڻ کانپوءِ وري پيادل سنڌ مارچ قافلو بٺوري ڏانهن روانو ٿيندو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو