مانجهند (ن سنڌيار)مانجهند تعلقي ۾ ايس يو پي سربراه جون چونڊ سرگرميون آزاد اميدوار هٿ کڻي ويو ڪيترن ئي اهم شخصيتن جي ايس يو پي ۾ شموليت تفصيل موجب مانجهند ۾ ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه جو مڪاني چونڊن جي حوالي سان اهم گڏجاڻي گهرائي مختلف يوسيز ٽائونن جي اميدوارن جي منظوري ڏني سن مانجهند ٽائون آمري شالماڻي لاکا شاه اويس قرني جي اميدوارن کي نامينيشن فارم ڀرڻ جون هدايتون ڪيو ان موقعي تي آزاد اميدوار رجب علي لاشاري ايس يو پي طرفان ٽائون مانجهند جي وارڊ 2 جي اميدوار قربان علي ملاح جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو جڏھن ت زوار اشفاق ميمڻ زوار الطاف ميمڻ حاجي حسين ميمڻ ايس يو پي سربراه سان ملاقات ڪري برادري سميت ايس يو پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه چيو ت مڪاني چونڊن ۾ تعلقي مانجهند جي سمورين يوسين ۽ ٽائونن ۾ سندن پارٽي اميدوار ڪامياب ٿيندا مانجهند تعلقي ۾ ڄامشورو اتحاد برقرار رهندو سمورا اميدوار گڏجي چونڊ وڙھندا هن وڌيڪ چيو ت مقامي سطح تي ترقي جو منشور کڻي ميدان ۾َ آھيون پيئڻ جي پاڻي صفائي روشنائي سميت بنيادي مسئلن جي حل لاء عوام سندن نامزد اميدوارن کي ڪامياب ڪري ان موقعي تي عبدالقادر ميمڻ قربان ملاح ديدار ميمڻ اعظم شاه علي نواز ڪنڀر پڻ موجود هئا










