ايس يو پي جو ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون ڊاهڻ خلاف احتجاج

ايس يو پي جو ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون ڊاهڻ خلاف احتجاج

خيرپور ناٿن شاهه (ن سنڌيار) ايس يو پي طرفان ڪراچي ۾ سنڌي وسنديون ڊاهڻ ۽ سماجي اڳواڻ مٿان دهشتگردي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف سڪندر سوڍر، غلام محمد گاڏھي، حميد سومرو ۽ شوڪت چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي سي ايسٽ محمد علي شاهه ۽ مختيارڪار اعجاز ميوو ھاءِ ڪورٽ جي منع نامي ڏيکارڻ باوجود سنڌي وسندي عبدالله شاھ غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪري اتي غيرن کي آباد ڪرڻ جا سانباها ڪيا وڃن پيا.هنن سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن تان ڪوڙا ڪيس ختم نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج شروع ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو