ڪراچي /ملير (نمائندن وٽان) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سکر کان نڪتل سنڌ سڌار پيادل مارچ ڪراچي پهچي ويو ، مارچ ڪراچي جي حدون ۾ گگرڦاٽڪ ڏانھن داخل ٿيو گگر ڦاٽڪ پڄندي ئي مختلف سياسي سماجي و قومپرست جماعتون پاران شاندار استقبال ڪيو ويو مارچ جي اڳواڻي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه کي ڪرڻي ھوئي ، جيڪو طبيعت خراب ٿيڻ سبب اسپتال داخل آهي، جڏهن ته ٻي سموري قيادت پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ بدامني ۽ بيروزگاري جو وڏو سبب پيپلزپارٽي جون ناڪام حڪومتي پاليسيون آهن، سنڌ جو عوام هاڻي جاڳي چڪو آهي.۽ سنڌ سان ڪيل هر ظلم جو حساب ورتو ويندو، گگرڦاٽڪ کان مارچ بعد گلشن حديد اسٽيل ٽائون موڙ کان ٿيندو سنڌ مسلم سوسائٽي پهچندو، جتي هو رات گذاريندو ۽ سڀاڻي وري پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيندو.










