ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي (ايس اين ايس) پاران 78 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ايس اين ايس آفيس ۾ “معرڪه حق” جي عنوان سان هڪ شاندار ۽ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي. سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي ارم تنوير تقريب ۾ معزز مهمانن جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ محمد يوسف ڪابورو، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزمينٽ سارنگ لطيف چانڊيو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سهيل احمد جوکيو ۽ ٻيا معزز ماڻهو پڻ موجود هئا. صدر ايس اين ايس قاضي شفيق احمد پنهنجي خطاب ۾ چيو ته “معرڪه حق” جي عنوان سان آزادي جو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد آزادي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ، هندستان خلاف جنگ ۾ حاصل ڪيل تاريخي فتح جي ياد کي تازو ڪرڻ ۽ شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي. ان موقعي تي ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي عهديدارن معزز مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ڊي جي پي آءِ ڊي ارم تنوير کي ايس اين ايس پاران نسيم شيخ ۽ ميڊم فرزانه گلدستا پيش ڪيا، جڏهن ته سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ کي ديدار علي سنديلو گلدستو پيش ڪيو. تقريب ۾ سيڪريٽري جنرل رضوان شاهه، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر ايوب پيرزادو ۽ شاهد علي انصاري، جڏهن ته گورننگ باڊي جي ميمبرن ديدار علي سنديلو، عمران ڪورائي، ڪاشف ميمڻ، بلال چنا، دلاور چنا ۽ ٻين مهمانن شرڪت ڪئي. معزز مهمانن شاندار انتظامن تي SNS انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيو.










