ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي چيئرمين شفيق احمد قاضي جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز (ڊي جي پي آر سنڌ) محمد سليم خان سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ڊي جي پي آر جو عهدو سنڀالڻ جي موقعي تي سنڌ جي ثقافت اجرڪ پيش ڪئي. ان موقعي تي سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي چيئرمين شفيق احمد قاضي ۽ جنرل سيڪريٽري سيد رضوان شاهه چيو ته پرنٽ ميڊيا هن وقت مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي. ان کي مالي مدد طور مضبوط ڪيو وڃي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز (ڊي جي پي آر سنڌ) محمد سليم خان وفد کي يقين ڏياريندي چيو ته مان ڊي جي پي آر جي حيثيت سان هر موڙ تي اوهان سان گڏ آهيان ۽ اخبارن کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز (ڊي جي پي آر سنڌ) محمد سليم خان، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر ايڊورٽائيزنگ امتياز جويو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.










