ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار)ايس ايس پي عبدالله ميمڻ جي هدايت تي ٽنڊو محمد خان شيخ ڀرڪيو ٽنڊو غلام حيدر پوليس جو ڪاروايون جاري ٽنڊو محمد خان ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي پوليس ايڪٽوڌڪرمنلز جرائيم پيشا ڏوهارين روپوش جوابدار ۽ منشيات فروشن خلاف رڻ ٻاري ڏنو مختلف ڪارواين ۾ 6 جوابدار گرفتار سندن قبضي مان 30 ڪلو گرام ڀنگ 500 عدد مين پڙين سميت 30 ليٽر تيار ٿيل ديسي شراب ٺرو برآمد گرفتار جوابدار مٿان ڪيس داخل خبر موجب ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عبدالله ميمڻ جي خصوصي هدايت تي ٽنڊو محمد شيخ ڀرڪيو ۽ ٽنڊو غلام حيدر پوليس منشيات فروشن روپوش جوابدارن ۽ ڪرمنل ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪندي ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر آدم خشڪ پوليس پارٽي ساڻ ڪري بروقت ڪاروائي دوران هڪ عورت مسمات سڪينا زال آچار ملاح ۽ نرسنگ ڪولهي ولد ڪرشن ڪولهي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 30 ڪلو ڀنگ سميت سندن استعمال ۾ ڪرولا ڪار پڻ هٿ ڪري بائونڊ ڪرڻ جي ڪرڻ جي پوليس پاران دعوا ڪئي آهي جڏهن ته ايس ايڇ او تعلقا ٽنڊو محمد خان سب انسپيڪٽر حاجي محمود لغاري اسٽاف سميت ڪاروائي ڪري جوابدار رياض سولنگي کي 500 عدد مين پڙين سميت گرفتار ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ايس ايڇ او سٽي ظهور احمد نوناري پاران ڪاروائي ڪري ديسي شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ سجاد عرف سجو ولد سليم خاصخيلي کي 20 ليٽر ديسي شراب ٺري سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪندي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري کيس لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي ايس ايڇ سٽي هڪ ٻئي ڪاروائي ڪندي ڪيترن ئي ڪيس ۾ گهربل روپوش جوابدار شبير ولد رسول بخش زنئور کي گرفتار ڪرڻ جي پڻ دعوا ڪئي آهي ٻئي طرف ايس ايڇ او ٽنڊو غلام حيدر ڪاشف عباس خواجو پاران ديسي شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ منشيات فروش سجاد شيخ 10 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيوويو










