ايريگيشن عملي جي نااهلي، واهن مان مٽي کڻڻ جو سلسلو جاري

ايريگيشن عملي جي نااهلي، واهن مان مٽي کڻڻ جو سلسلو جاري

خانپورمهر(ن سنڌيار) خانڳڙھ تعلقي جي واهن مان غيرقانوني طور مٽي کڻڻ جو سلسلو جاري آهي. آبپاشي کاتي عملدارن مقامي پٺاڻن سان ملي ڀڳت ڪري واهن جي ڪپن تان مٽي کڻڻ ڪري ڪپر واهن جا ڪمزور. واهن جي اوناهي وڌي وئي. واهن تڙ ڪندڙ معصوم ٻارڙن جو موت معمول بڻيل. انتظاميه ڪوبه قدم نه کنيو. رپورٽ موجب گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي خانڳڙھ جي مختلف واهن مهر واھ. ماڪائي مائينر. لٺ مائينر. بخاري مائينر. مبارڪپور مائينر. گاجي واھ. امام واھ. مسو واھ مان آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب غيرقانوني طور تي واهن جي ڪپن ۽واھ جي پيٽ مان روزانو سوين ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڪرين مشينن ذريعي مقامي پٺاڻن پاران مٽي کڻڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن کي آبپاشي کاتي جي انجنيئر ميرپور ماٿيلو. ايس ايس ڊي خانڳڙھ. داروغو. سب انجنيئر جي ملي ڀڳت ڪري واهن مان مٽي مقامي پٺاڻن ٺيڪيدار پاران کڻڻ ڪري واهن اونهائي وڏي ٿي وئي آهي جنهن ڪري مقامي آباديءَ واري محلي واسي جي معصوم ٻارڙن پاران واهن تڙ ڪرڻ جي ڪري پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ٻارڙن جي ٻڏي فوت واقعا معمول بڻيل آهن هر سال ٻارن جي ٻڏي مرڻ واري واقعن بعد گذريل سال گهوٽڪي ضلعي انتظاميا ڊي سي گهوٽڪي واهن مان مٽي کڻڻ توڙي واهن م معصوم ٻارڙن جي تڙ ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي پر انتظاميه جي اهڙي پابندي جي باوجود واهن مان مٽي کڻڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي. جڏهن ضلعي گهوٽڪي جي انتظاميا جي اهڙي حڪمن کي مقامي پٺاڻ ٺيڪيدار ٿڏي ڇڏي آهي جڏهن آبپاشي کاتي جي عملدارن مجرماڻي غفلت سبب خانڳڙھ تعلقي جا واھ موت جا راڪس بڻيل آهن هوڏانهن لڌا رام. چندر ميگهواڙ. علي مهر. صدام ميراڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان مهر واھ جي ڪپ تي سالن کان ويٺل آهيون هر سال اسان جا معصوم ٻارڙن واھ م ٻڏي فوت ٿين ٿا پر انتظاميه وٽ دانهون ڪرڻ جي باوجود ڪي اپاءَ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي هنن چيو هر سال ڪيترائي ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي وڃن ٿا پر آبپاشي کاتي جا عملدار ڪوبه انھن مقامي ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جنھن ٻارن جي فوت ٿيڻ جا ڪيس هاڻي انھن پٺاڻن ٺيڪيدار ۽ آبپاشي کاتي عملدارن خلاف داخل ڪرايا ويندا. مقامي شهرين ڊي سي گهوٽڪي ۽ آپباشي کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته مٽي کڻندڙ ٺيڪيدارن ۽ آبپاشي کاتي ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. جڏهن مقامي ٺيڪيدار پانڌي پٺاڻ ٻڌايو ته اسان مٽي کڻڻ غيرقانوني آهي پر ان جي اجازت آبپاشي کاتي جا عملدار اسان کي ڏيڻ ٿا. ان سلسلي ۾ موقف معلوم ڪرڻ لاءِ ايس ڊي او خانڳڙھ ۽انجنيئر ميرپورماٿيلو سان رابطو ڪيو ويو پر هنن فون اٽينڊ نه ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو