ايران ۾ احتجاج جاري، 300 کان مٿي ماڻهن مارجڻ جي تصديق

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي انقلابي گارڊز جي هڪ ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل امير علي حاجيزاده ملڪ ۾ جاري سياسي افراتفري دوران 300 کان مٿي سيڪورٽي فورسز، شهرين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي قتل جي تصديق ڪئي آهي. هن ايران جي هڪ نيوز ايجنسي سان ڳالهائيندي چيو ته تازا انگ اکر هن وقت وٽس نه آهن پر 300 کان مٿي ڊيٿ رپورٽ ٿيا آهن. ايران ۾ 16 سيپٽمبر تي پوتي نه پائڻ ۽ وار نه ڍڪڻ جي الزام ۾ مورل يعني اخلاقي پوليس 22 سالن جي ڪردش ايراني ڇوڪري مَشا اميني پوليس حراست ۾ قتل ٿي هئي جنهن بعد سڄي ملڪ ۾ عورتن، ٻارن سميت زندگي جي هر شعبي جا ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن. ٻن مهينن کان جاري احتجاجي مظاهرن ۾ اوسلو جي هڪ انساني حقن جي تنظيم موجب 416 ماڻهو مارجي چڪا آهن جن ۾ وڏو انگ عورتن ۽ ٻارن جو به شامل آهي. 40 غيرملڪين سميت هزارين ايراني گرفتار ڪيا ويا آهن جن مان 200 ماڻهن خلاف ڪيس به داخل آهن، انهن مان 6 کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. لڳاتار احتجاج دوران عورتون ٽائر ساڙي انهن۾ پنهنجيون پوتيون ۽ وارن جو چڳون ساڙي رهيون آهن. ملائيت مردو باد، عورتن کي آزادي ڏيو. 1979 ۾ ايران ۾ امام خامنئي جي اڳواڻي ۾ آيل انقلاب سبب شهنشاهيت ختم ٿي ۽ اسلامي نظام لاڳو ڪيو ويو، جنهن مطابق عورتن تي حجاب ڪرڻ ۽ وار ظاهر نه ڪرڻ جو حڪم آهي. گرفتار ٿيلن ۾ امام خميني جي ڀاڻيجي به شامل آهي جيڪا پڻ عورتن جي آزادي جي حق ۾ آهي. ايران ۾ واٽ ويندڙ مولوين جا عورتون پٽڪا لاهي اڇلائي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو