ايران سعودي عرب لاڳاپا بحال، سفارتخانه کولڻ تي اتفاق

ايران سعودي عرب لاڳاپا بحال، سفارتخانه کولڻ تي اتفاق

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ سعودي عرب لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ سفارتخانو ٻيهر کولڻ تي اتفاق ڪري ورتو.چين جي تخت گاهه بيجنگ ۾ سعودي عرب، ايران ۽ چين طرفان جاري ڪيل گڏيل پڌرائيءَ موجب تهران ۽ رياض اتفاق ڪيو آهي ته پاڻ ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ڪيا ويندا ۽ پنهنجا سفارتخانا ۽ مشنز ٻن مهينن کان اڳ بحال ڪري ڇڏيندا.ايراني سرڪاري ميڊيا موجب صدر ابراهيم رئيسي جي تازي دوري کانپوءِ سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري چين جو دورو ڪيو ته جيئن چين ۽ سعودي عرب وچ ۾ مسئلن جي حل لاءِ سعودي وفد سان ڳالهيون شروع ڪري سگهجن.ايراني نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتي جي صلاحڪار وچ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن جي ڳالهين کانپوءِ ٻنهي ملڪن لاڳاپن جي بحالي جو معاهدو ڪري ورتو.ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدي دوران باضابطا هڪ تقريب ۾ ايران، سعودي عرب ۽ چين طرفان هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو ويو.جاري ڪيل بيان موجب سعودي عرب ۽ ايران ٻن مهينن اندر پنهنجا سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ سفارتخانا ٻيهر کولڻ تي راضي ٿي ويا آهن.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خود مختياري جي احترام ۽ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت تي زور ڏيندي ٻنهي ملڪن 17 اپريل 2001 ۾ طئي ٿيندڙ سيڪيورٽي سهڪار جي معاهدي تي عملدرآمد تي اتفاق ڪري ورتو آهي.وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن 27 مئي 1988 ۾ طئي ٿيل عام معاهدي تي به اتفاق ڪري ورتو آهي، جنهن جو مقصد اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، ٽيڪنيڪي، سائنسي، ثقافتي، راندين ۽ نوجوانن جي معاملن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ هو.پنهنجي گڏيل بيان ۾ ٽنهي ملڪن علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ هر ڪوشش ڪرڻ تي زور ڏنو.ان موقعي تي ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي لاءِ ڪوششن ۽ 22-2021 ۾ ڳالهيون ڪرائڻ تي عراق ۽ عماد جا به ٿورا مڃيا، جڏهن ته هلندڙ ڳالهين جي ميزباني ۽ مدد تي چيني قيادت جا پڻ ٿورا مڃيا.

پهنجو تبصرو موڪليو