ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ايران تي لڳاتار تيرهين رات به هوائي حملا ڪيا، جڏهن ته ايراني ميڊيا خرمآباد، جاسڪ، اهواز ۽ بندر عباس سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌماڪن جون خبرون ڏنيون آهن. ايراني ميڊيا موجب، اهواز ويجهو آمريڪي ميزائل حملي ۾ چار ماڻهو مارجي ويا ۽ پنج زخمي ٿيا، جڏهن ته خرمآباد ۽ بندر عباس تي الڳ الڳ حملن ۾ هر هنڌ ٻه ٻه ماڻهو زخمي ٿيا. صدر ٽرمپ چيو آهي ته اڃا ايران وڏو درد محسوس ناهي ڪيو ۽ آمريڪا تمام وڏي حملي جي تياري ڪري رهيو آهي. صدر ٽرمپ اها به ڌمڪي ڏني آهي ته هرمز ۾ جنهن جهاز کي نقصان پهچندو، اهو ايران جي ضبط ڪيل اثاثن مان پورو ڪيو ويندو.
آمريڪا جي بدمعاشي آڏو ايران نه جهڪندو، عباس عراقچي
ڪرغزستان ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم (SCO) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عباس عراقچي چيو ته “روس ۽ چين سان صلاح مشورا لڳاتار جاري آهن ۽ جڏهن به موقعو ملي ٿو ته اسان چين ۽ روس ۾ پنهنجي دوستن سان باقاعدي مشاورت ڪندا رهون ٿا.” هن وڌيڪ چيو ته امن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ اصل رڪاوٽ “آمريڪي رويو” آهي. عباس عراقچي چيو: “آبنائي هرمز ۾ ايران جي مفادن جو تحفظ اسان جي بنيادي اصولن مان هڪ آهي ۽ اسان ان تي مڪمل طور قائم آهيون.” هن وڌيڪ چيو: “جيستائين ايراني عوام جا جائز مقصد ۽ مطالبا پورا نٿا ٿين، تيستائين اهو فطري آهي ته اسان پنهنجي ڪوششن کي جاري رکنداسين.“
يورپي يونين جون ايران جي ججن تي نيون پابنديون
يورپي يونين (EU) اعلان ڪيو آهي ته انساني حقن جي مبينا ڀڃڪڙين جي الزام هيٺ ايران جي پنج ججن ۽ هڪ سائبر گروپ جي اهم اڳواڻ تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن. يورپي يونين جي ڪائونسل پنهنجي بيان ۾ چيو ته پابنديون نيما صالحي تي پڻ لاڳو ڪيون ويون آهن، جيڪو آشيانه (Ashiyane) نالي ايراني سائبر گروپ جو باني آهي. يورپي يونين جو چوڻ آهي ته هي گروپ اڳ ئي پابندين هيٺ آيل سائبر پوليس (FATA) ۽ اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) سان ويجهو سهڪار ڪري ٿو. بيان ۾ انهن ججن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا. يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي واري سربراهه ڪايا ڪالس ايڪس (X) تي لکيو: “جڏهن تهران اندروني سطح تي پنهنجي ڪريڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪري رهيو آهي، تڏهن يورپي يونين ذميوارن کان جوابدهي وٺندي رهندي.” يورپي يونين هن وقت تائين ايران جي 269 فردن ۽ 53 لاڳاپيل ادارن تي پابنديون لاڳو ڪري چڪي آهي.
باب المندب سعودي کانسواءِ سڀني لاءِ کليل آهي، حوثي ترجمان
يمن جي حوثي تحريڪ (انصار الله) ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته هن باب المندب آبنائي کي بند ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ جو چوڻ آهي ته ان جون سامونڊي ڪارروايون رڳو سعودي عرب خلاف هڪ مخصوص سامونڊي ناڪابندي تائين محدود آهن. تحريڪ جي ترجمان محمد عبدالسلام ايڪس (X) تي جاري بيان ۾ مڪمل سامونڊي رستي جي بندش بابت خبرن کي رد ڪندي چيو: “جيئن ڪجهه ملڪ
اڻهو دعويٰ ڪري رهيا آهن، باب المندب لنگهه بند ناهي ڪيو ويو . هن وڌيڪ چيو: “يمن جو موقف، جيئن يمني هٿياربند فوج اعلان ڪيو آهي، رڳو اهڙي سامونڊي ناڪابندي تائين محدود آهي، جيڪا صرف سعودي عرب کي متاثر ڪري ٿي. اهو قدم يمن تي لاڳو ڪيل گهيري ۽ اهڙي منصفاڻي حل کي قبول نه ڪرڻ جي جواب ۾ کنيو ويو آهي، جيڪو يمني عوام جي سلامتي، خودمختياري ۽ آزادي جي ضمانت ڏئي.” انصار الله، جنهن کي عام طور حوثي تحريڪ چيو ويندو آهي، 2023ع جي آخر کان وٺي ڳاڙهي سمنڊ ۽ عدن جي نار ۾ جهازن تي ڪيترائي حملا ڪري چڪي آهي. حوثين جو چوڻ آهي ته اهي ڪارروايون غزه جي فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي مهم جو حصو آهن.
ضبط ڪيل اثاثن جي ڪنهن ٻئي کي ادائگي خطرناڪ مثال هوندو، عراقچي
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي خبردار ڪيو آهي ته مستقبل جي دعوائن جي ادائيگي لاءِ ڪنهن ملڪ جا منجمد سرڪاري اثاثا استعمال ڪرڻ هڪ خطرناڪ عالمي مثال قائم ڪندو. هن ان عمل کي “اشتعال انگيز” قرار ڏنو. هن ايڪس (X) تي لکيو: “ڪنهن ٻئي ملڪ جا اثاثا ضبط ڪري انهن کي اهڙن مستقبل جي دعوائن جي ادائيگي لاءِ استعمال ڪرڻ، جن جو انهن اثاثن سان ڪو سڌو لاڳاپو نه هجي، انتهائي اشتعال انگيز مثال آهي.” هن وڌيڪ خبردار ڪيو: “جيڪي ماڻهو اهڙن فنڊن مان فائدو حاصل ڪرڻ يا ان تي خوش ٿيڻ چاهين ٿا، انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن حڪومتون اثاثا ضبط ڪرڻ کي معمول بڻائينديون ته پوءِ ڪنهن جا به اثاثا محفوظ نه رهندا. ان کان پوءِ پيدا ٿيندڙ افراتفري نه خوشگوار هوندي ۽ نه ئي پرامن.”
عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت وڌڻ جو رجھان جاري
جمعي ڏينهن برينٽ خام تيل جي قيمت معمولي گهٽتائي سان 99.97 ڊالر في بيرل ۽ ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) جي قيمت 91.49 ڊالر في بيرل تي اچي وئي، پر ان جي باوجود ڳاڙهي سمنڊ ۾ سامونڊي آمدرفت ۾ رڪاوٽن ۽ قازقستان ۾ پائيپ لائينن جي بندش سبب هفتي دوران تيل جي اگهن ۾ نمايان واڌ جو رجحان برقرار رهيو.
جنگبندي جي صدر ٽرمپ جي نئين تجويز ايران رد ڪري ڇڏي، نيويارڪ ٽائمز
عراق جي وزيراعظم علي الزائدي تهران جو دورو مڪمل ڪري ورتو، جتي هن ايراني عملدارن سان اعليٰ سطحي ڳالهيون ڪيون ۽ ٽرانسپورٽ ۽ بنيادي ڍانچي بابت اهم معاهدن تي صحيون ڪيون. نيو يارڪ ٽائمز ايراني ۽ عراقي سرڪاري ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو آهي ته صدر ٽرمپ عراقي وزيراعظم ذريعي ايران کي نئين امن معاهدي جي تجويز پيش ڪئي، جيڪا ايران رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ٽرمپ تي کين ڀروسو ناهي.
سعودي تيل کڻي ويندڙ ٻه چيني ٽينڪر باب المندب مان گذري ويا
سامونڊي آمدرفت بابت اداري LSEG جي انگن اکرن موجب، سعودي عرب مان خام تيل کڻي ويندڙ ٻه وڏا چيني ٽينڪر ڪاميابي سان باب المندب آبنائي مان نڪري ويا آهن. يمن جي حوثين طرفان سعودي تيل جي ترسيل تي ناڪابندي جي اعلان کان پوءِ انهن ٻنهي ٽينڪرن جي حرڪت تي خاص نظر رکي پئي وئي. سنگاپور جي جهنڊي هيٺ هلندڙ Xin Long Yang ۽ چين جي جهنڊي هيٺ هلندڙ Cosnew Lake نالي VLCC ٽينڪر خميس ڏينهن ڪاميابي سان ان سامونڊي رستي مان گذري ويا. LSEG موجب، ٻنهي جهازن جي ٽرانسميٽرن مان ظاهر ٿيو ته انهن تي چيني عملو موجود هو، ۽ ٻنهي هن هفتي جي شروعات ۾ سعودي عرب جي ينبع بندرگاهه تان خام تيل لوڊ ڪيو هو. ياد رهي ته چين جو باب المندب ۾ حوثي باغين جي ڪنٽرول واري مرڪز جي بالڪل سامهون جبوتي ۾ چين جو واحد عالمي فوجي اڏو قائم آهي ۽ ٻيو ته چين جي معاملي ۾ ايران ۽ حوثين جو رويو لچڪدار رهيو آهي. ٻئي پاسي 23 جولاءِ تي هرمز ۾ ڪو به جهاز داخل نه ٿيو. الجزيره جي رپورٽ موجب، 23 جولاءِ تي باب المندب مان گذرندڙ ٽينڪرن جو انگ 32 رهيو، جيڪو ان کان اڳ واري ڏينهن 26 هو.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جو نيتن ياهو جي گرفتاري جو مطالبو
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي ريسرچ، ايڊووڪيسي، پاليسي ۽ مهمن واري شعبي جي سينيئر ڊائريڪٽر ايريڪا گويرا روساس اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو کي گرفتار ڪري عالمي فوجداري عدالت (ICC) ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. روساس نيويارڪ جي ميئر ظهران ممداني جي ان بيان جي به حمايت ڪئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته جيڪڏهن نيتن ياهو نيويارڪ اچي ته کيس گرفتار ڪيو وڃي. روساس ايڪس تي لکيو:
“آمريڪي اختيارين کي انساني حقن جو احترام ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ گهرجي.” ياد رهي ته عالمي فوجداري عدالت 2024ع ۾ غزه خلاف اسرائيل جي جنگ دوران مبينا جنگي ڏوهن جي الزام هيٺ بنيامين نيتن ياهو جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا هئا. ممداني تي بعد ۾ وضاحت ڪئي هئي ته بطور ميئر هو نيتن ياهو جي گرفتاري جو حڪم نٿو ڏئي سگهي. ايمنسٽي انٽرنيشل جو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن غزه ۽ ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيلي حملا جنگبندي جي معاهدي جي باوجود جاري آهن. ان سان گڏوگڏ گهر ڊاهڻ، اسرائيلي سيٽلرز کي آباد ڪرڻ جون ڪوششون به تيز آهن.










