واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاران ايران کي 300 ملين ڊالر ڏيڻ جون ڳالهيون ڪوڙيون خبرون آهن. ڊونالڊ ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي بيان جاري ڪندي چيو ته ايران کي 300 ملين ڊالر ڏيڻ جي ڪوڙي خبر ڊيموڪريٽس پکيڙي آهي صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ان وٽ ڪڏهن به نييوڪليئر (ايٽمي) هٿيار نه هوندا.واضح رهي ته آمريڪي نائب صدر جئي ڊي وينس چيو هو ته ايران کي تعميراتي مد ۾ 300 ارب ڊالر ڪجهه شرطن سان ملي سگهن ٿا، هي تعميراتي فنڊ خليجي اتحادي ملڪن پاران ڏنو ويندو. آمريڪي نائب صدر چيو ته ايران ذميوارين ۽ واعدن جي پاسداري ڪري ته ان فنڊ مان فائدو کڻي سگهي ٿو، ايران جا 24 ارب ڊالر جا ڄميل اثاثا بحال ڪرڻ معاهدي جي مسودي ۾ شامل ناهي.
اسرائيلي سيٽلرز تي يورپي يونين پابنديون لاڳو ڪري، ميمبر
يورپي پارليامينٽ جي ڪيترن ئي ميمبرن اڱاري ڏينهن يورپي يونين کان مطالبو ڪيو ته والاريل فلسطيني علائقن تي قائم غيرقانوني اسرائيلي آبادڪارين سان واپار روڪيو وڃي، جڏهن ته والاريل اولهه ڪناري ۾ آبادڪاري جي سرگرمين خلاف برسلز تي عملي قدم کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي. يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه ڪايا ڪالس سان مڪمل اجلاس ۾ ٿيل بحث دوران قانونسازن مطالبو ڪيو ته اسرائيلي آبادڪاريُن مان ايندڙ سامان ۽ خدمتن تي پابندي لڳائي وڃي، ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ اهڙو واپار جاري رکڻ بين الاقوامي قانون ۽ ٻن رياستن واري حل جي امڪانن کي نقصان پهچائي ٿو. ڪايا ڪالس چيو ته سومر تي ٿيل يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي ميمبر ملڪن پڻ اهو معاملو اٿاريو ۽ غيرقانوني آبادڪاريُن سان واپار بابت ٺوس تجويزون پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن ٻيهر ورجايو ته والاريل اولهه ڪناري ۾ اسرائيل جون آبادڪاريون تيزيءَ سان وڌائڻ جا منصوبا “بين الاقوامي قانون سان مطابقت نٿا رکن” ۽ اهي ٻن رياستن واري حل جي امڪانن کي وڌيڪ ڪمزور ڪن ٿا. بيلجيم، جرمني ۽ آئرلينڊ سميت مختلف ملڪن جي نمائندن معصوم فلسينين جي قتل، امداد سامان ۽ دوائون روڪڻ جا حوالا ڏيندي چيو ته اسرائيلي سيٽلرز تي پابندي ضروري آهي. هنن چيو ته “بين الاقوامي عدالت انصاف تصديق ڪري چڪي آهي ته آبادڪاريُن سان واپار غيرقانوني آهي. هاڻي اسان کي ضرورت آهي ته واپاري ڪمشنر اڳتي اچي، پنهنجي ذميواري نڀائي ۽ هن غيرقانوني واپار تي پابندي لڳائي.”
هرمز ٽول يا فيس بنا کلندو، دفن ڪيل رچيل يورينيم ڪڍڻ جي تڪڙ ناهي، ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرانس ۾ جي 7 جي اجلاس جي موقعي تي چيو آهي ته بينجمن نيتن ياهو کي لبنان ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ايران سان معاهدو رڳو هڪ ئي ڳالهه بابت آهي، ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪندو، “باقي سڀ ڪجهه، صاف لفظن ۾، غير اهم آهي.” هن، هن معاهدي کي “ايٽمي هٿيارن خلاف هڪ مضبوط ديوار” قرار ڏنو ۽ ان جو مقابلو اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اباما جي JCPOA (جوائنٽ ڪامپريهينسو پلان آف ايڪشن) سان ڪيو، جنهن بابت ٽرمپ چيو ته “اهو وچ اوڀر کي تباهه ڪري سگهي پيو.” جڏهن کانئس ايران ۾ موجود رچيل يورينيم واپس وٺڻ بابت پڇيو ويو ته ٽرمپ چيو ته ان کي ضبط ڪرڻ بابت ڪا به جلدي ناهي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هي معاهدو منظوري لاءِ آمريڪي ڪانگريس ڏانهن موڪليو ويندو. صدر ٽرمپ يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ۾ ڳالهين جي ٻئي مرحلي بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته سندس خيال آهي ته “اهو وقت تي ٿي ويندو.” هن صحافين کي ٻڌايو ته: “ايران هن معاملي کي مڪمل ڪرڻ چاهي ٿو، انهن کي پنهنجي ڪاروباري سرگرمين ڏانهن واپس وڃڻو آهي.” جڏهن کانئس پڇيو ويو ته معاهدي جو متن اڃا تائين جاري ڇو نه ڪيو ويو آهي، ته هن جواب ڏنو: “مان پهرين هڪ باضابطه مرحلو مڪمل ڪرڻ چاهيان ٿو.” وڌيڪ وضاحت ڪندي هن چيو: “ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار نه رکندو، معاهدي ۾ اهو ئي لکيل آهي… اهو تقريباً 99.9 سيڪڙو آهي جيڪو مان چاهيو پئي.” هن چيو ته هرمز کي “بغير ڪنهن ٽول يا فيس جي” کوليو ويندو، ۽ اهو 60 ڏينهن واري مدي کان پوءِ به جاري رهندو. ٽرمپ چيو ته هو هڪ پريس ڪانفرنس ڪندو، جنهن ۾ هو معاهدي جي دستاويز کي “لفظ به لفظ” پڙهي ٻڌائيندو. “ڇاڪاڻ ته هي هڪ انتهائي اهم دستاويز آهي.”
معاهد جي اعلان بعد 7 جهاز هرمز مان گذري ويا، تيل جي قيمت ۾ لاٿ
آچر ڏينهن تڪرار ختم ڪرڻ واري معاهدي جي اعلان کان پوءِ به نار مان نڪرندڙ ۽ هرمز مان گذرندڙ جهازن جي آمدرفت گهٽ سطح تي برقرار آهي، جيئن جهازن جي نگراني ڪندڙ ڊيٽا سروس ميرين ٽريفڪ جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو. بي بي سي ويريفاءِ ان عرصي دوران صرف ست جهازن جي سڃاڻپ ڪئي آهي، جن ۾ ٽي تيل کڻندڙ ٽينڪر ۽ چار مال بردار جهاز شامل آهن، جيڪي هن سامونڊي رستي مان گذري نارِ عمان ۾ داخل ٿيا. سامونڊي انٽيليجنس ڪمپني Windward موجب، مائع پيٽروليم گئس (LPG) کڻندڙ هڪ ٽينڪر پنهنجي جڳهه ظاهر ڪرڻ وارو نظام بند رکي گذريو، جڏهن ته باقي ڇهه جهاز پنهنجي ٽريڪنگ سسٽم فعال رکندي علائقي مان نڪتا. رپورٽن موجب، ڊشا نالي مائع قدرتي گئس (LNG) کڻندڙ ٽينڪر پهريون جهاز هو، جيڪو هرمز مان پنهنجي جڳهه ظاهر ڪندڙ ٽرانسپونڊر فعال حالت ۾ گذريو. هندستاني اختيارين موجب، هي جهاز هاڻي عربي سمنڊ ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ هندستان جي رياست گجرات ۾ واقع داهيج بندرگاهه ڏانهن روانو آهي. بي بي سي ويريفاءِ هڪ وڊيو پڻ ڏٺي آهي، جنهن ۾ ٽينڪر جي هرمز مان گذرڻ جو منظر ڏيکاريل آهي. اها وڊيو پهريون ڀيرو ڪالهه آن لائن شيئر ڪئي وئي هئي ۽ لڳي ٿو ته اها ويجهو موجود ڪنهن ٻئي جهاز تان فلمايل هئي. تيل مارچ بعد پهريون ڀيرو 80 ڊالر في بيرل کان گهٽجي 79 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي.
پاڪستان جي قيادت ۾ ثالثي جو حصو بڻجي ڳالهين واري عمل ۾ شامل رهياسين: قطري پرڏيهي وزارت
قطري پرڏيهي وزارت چيو آهي ته قطر ۽ ايران ڊيل جي حوالي سان قطر پاڪستان جي قيادت ۾ ثالثي جو حصو بڻجي ڳالهين جي عمل ۾ شامل رهيو، جڏهن ته آمريڪا ايران ڊيل تي صحيحن (دستخط) جي تقريب ۾ قطر جي نمائندگي موجود هوندي. قطري پرڏيهي وزارت موجب، پاڪستاني ثالث، ڌريون ۽ علائقائي ملڪ ان تقريب ۾ شريڪ ٿيندا.
ايران سان منصفاڻي ڊيل ٿي، سندن افزوده يورينيم حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا: ٽرمپ
فرانس ۾ جي سيون (G7) اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر ٽرمپ جي اميرِ قطر سان ملاقات ٿي، جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته قطر جنهن طريقي سان معاملن کي سنڀاليو مان ان مان خوش آهيان، منهنجي خيال ۾ ايران سان منصفاڻي ڊيل ٿي آهي پر اسان اتي ڪا به سيڙپڪاري (انويسٽمينٽ) ڪرڻ نه پيا وڃون.آمريڪي صدر چيو ته ايران معاهدو ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، اسان ايران جو افزوده يورينيم حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم هي آهي ته ايران وٽ ڪڏهن به ائٽمي هٿيار نہ هجن ۽ معاهدي تحت ايران وٽ ڪڏهن به جوهري هٿيار نه هوندا، جيڪڏهن ايران جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ايران کي تباهه ڪري ڇڏينداسين.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته لبنان جي جنگ کي نسبتاً معمولي تڪرار سمجهان ٿو، اسرائيل کي تجويز ڏني آهي ته حزب الله سان منهن ڏيڻ جي ذميواري شام جي حوالي ڪئي وڃي. اسرائيل کي ٻڌايو هو ته مون کي بيروت تي اسرائيلي حملو پسند نه آيو، جيڪڏهن اسرائيل اهو ڪم ٻين ماڻهن کي مارڻ کان سواءِ نٿو ڪري سگهي ته پوءِ شام کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي.
آمريڪا ايران معاهدي تي عباس عراقچي جو بيان
ويب ڊيسڪ ايراني پرڏيهي وزير چيو آهي ته لبنان تي ڪنهن به اسرائيلي حملي يا ڪنهن علائقي تي قبضو آمريڪا ايران معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندو، امڪاني طور تي جمعي ڏينهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور سوئٽزرلينڊ ۾ شروع ٿيندو. عباس عراقچي جو چوڻ هو ته مفاهمتي ياداشت ۾ هڪ طرف آمريڪا ۽ اسرائيل آهن ۽ ٻئي طرف ايران ۽ حزب الله ڌريون آهن.
باب المندب جي سامونڊي پٽي (آبنائي) مزاحمتي قوتن لاءِ وننگ ڪارڊ ثابت ٿي: پاسدارانِ انقلاب جو ڪمانڊر
ايراني ميڊيا موجب، قدس فورس جي ڪمانڊر بئريسگيڊيئر جنرل اسماعيل قآني هڪ انٽرويو دوران چيو آهي ته ايران سان جنگ آمريڪا کي بي اعتباري بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسرائيل جي زوال جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته فلسطين ۽ لبنان ۾ سخت حملن جي باوجود مزاحمتي گروهن ميدان نه ڇڏيو، حزب الله 104 ڏينهن تائين ايران سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪئي ۽ ان کي ختم نٿو ڪري سگهجي. اسماعيل قآني وڌيڪ چيو ته باب المندب جي سامونڊي پٽي مزاحمتي قوتن لاءِ وننگ ڪارڊ ثابت ٿي، ڪجهه جديد آمريڪي جنگي جهاز به ڳاڙهو سمنڊ (بحيره احمر) پار ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهيا. قدس فورس جي ڪمانڊر جو چوڻ هو ته ايراني ڳالهين واري ٽيم دشمن ۽ ثالثن سان مڪمل اختيارن سان ڳالهايو، جڏهن ته لبنان جي معاملي ۾ ميدان ۽ سفارتڪاري ٻنهي مزاحمت جي جذبي جو مظاهرو ڪيو.
آمريڪا ايران معاهدي جي جيءُ آجيان، اميد آهي ته معاهدي جا علائقائي معاملن تي هاڪاري اثر پوندا، حماس
فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس، آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل معاهدي جي جيءُ آيا (خيل مقدم) ڪئي آهي.حماس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اميد آهي ته معاهدي سان غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت ختم ٿيندي ۽ معاهدو علائقائي معاملن تي هاڪاري اثرن جو حامل هوندو.حماس چيو ته معاهدي سان لبنان ۽ ٻين محاذن تي ٿيندڙ حملن جي به رڪجڻ جي اميد آهي.حماس جو چوڻ آهي ته فلسطينين خلاف نسل ڪشي، بک مڙهڻ ۽ زبردستي بي دخل ڪرڻ واري اسرائيلي جنگ جاري رهڻ تائين خطي ۾ امن نٿو ٿي سگهي.
جيڪڏهن دشمن معاهدي يا ياداشت نامي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته سخت ردعمل ڏنو ويندو: ايراني فوج
ايران جي فوج اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا سان طئي ٿيل معاهدي جي تياري دوران هٿياربند فوج جي تيارين جي سطح اڳ کان وڌيڪ برقرار رکي ويندي.ايراني فوج جي ترجمان موجب، معاهدي جي مدت دوران ايران پنهنجي دفاعي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو.ترجمان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن دشمن معاهدي يا مفهمتي ياداشت جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ايران فوري ۽ سخت ردعمل ڏيندو ۽ خطي ۾ فوجي صورتحال کي معاهدي کان اڳ واري حالت ۾ واپس آندو ويندو.
هرمز جي پاڻي واري لنگهه (آبنائي هرمز) ۾ قشم ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ ڌماڪا ٻڌا ويا: ايراني ميڊيا
ايراني ميڊيا جي دعويٰ آهي ته آبنائي هرمز ۾ قشم ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ 3 ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڌماڪا ممڪنه طور تي ٽريفڪ مينيجمينٽ سان لاڳاپيل سرگرمين سبب ٿيا آهن.ڌماڪن بابت في الحال وڌيڪ ڪا معلومات سامهون ناهي اچي سگهي.
ايران جا 3 آئل ٽينڪر ۽ 2 مال بردار جهاز آمريڪي بحري ناڪي بندي مان گذري ويا: ايراني ميڊيا
ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايران جا 3 آئل ٽينڪر ۽ 2 سامان کڻندڙ جهاز آمريڪي بحري ناڪي بندي مان گذري ويا آهن.ان کان اڳ آمريڪي فوج اعلان ڪيو هو ته ايران جي بندرگاهن تي لڳايل بحري ناڪي بندي 19 جون تي معاهدي تي صحيحون ٿيڻ تائين برقرار رهندي. آمريڪي فوج پاران جاري ڪيل هدايت نامي موجب، ايران جي بندرگاهن ڏانهن اچڻ ۽ وڃڻ واري سموري بحري اچ وڃ تي پابندي آهي.آمريڪي اختيارين جهازن کي خبردار ڪيو آهي ته واضح هدايتون جاري ٿيڻ تائين ناڪي بندي کي پار ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن.
معاهدي سان يا ان کان سواءِ ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي: اسرائيلي وزيراعظم
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته معاهدي سان يا معاهدي کان سواءِ ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي، اسان اسرائيل کي تباهي کان بچائي ورتو پر اسان جي جدوجهد اڃا ختم ناهي ٿي.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪا ايران معاهدي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ جيڪو ٿي سگهيو ڪنداسين، ٽرمپ ۽ مان ساٿي آهيون، ڪڏهن اسان متفق هوندا آهيون ته ڪڏهن اختلاف هوندو آهي. نيتن ياهو چيو ته لبنان ۾ ٺاهيل سيڪيورٽي زون ۾ اسرائيل جي موجودگي برقرار رهندي، اسرائيل ۾ هلندڙ سال ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندس ۽ کٽيندس.
ايراني حقن جو احترام ڪرڻ جي آمريڪي عزم کي پرکڻ لاءِ مفهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون: صدر مسعود پزشڪيان
ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته ايراني حقن جو احترام ڪرڻ جي آمريڪي عزم کي پرکڻ (آزمائڻ) لاءِ مفهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن ايراني صدر ايڪس (ٽويٽر) تي بيان جاري ڪندي چيو ته طويل ۽ تفصيلي ڳالهين کانپوءِ مجلسِ شوريٰ جي ميمبرن مفهمتي ياداشت جي متن جي حمايت ڪئي. ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ ضروري شقون شامل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، مفهمتي ياداشت ڪيترن ئي مهينن جي ڳالهين جو نتيجو آهي. هن چيو ته ايراني حقن جو احترام ڪرڻ جي آمريڪي عزم کي پرکڻ لاءِ ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. مفهمتي ياداشت جنگ جي خاتمي ۽ باضابطه ڳالهين جي شروعات لاءِ هڪ اهم قدم آهي، ايران سمورين ممڪنه حالتن ۽ اختيارن لاءِ تيار آهي. ايراني صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن مفهمتي ياداشت جي سمورين شقن تي عملدرآمد ٿي وڃي ته هي اسان لاءِ هڪ قابلِ فخر دستاويز ٿي سگهي ٿي.










